اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻه?? جي په?? جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽ?? جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڪٽ تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشت??ار?? ٽاڪ شو، ڊرامي، فلم يا ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهين?? جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن لينگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.