نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر س??باڪوروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ??ڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ??ور?? مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامي??ب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.