اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ بابت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن مست??بل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ور?? جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو مل?? جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس ??هڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مست??بل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي سفير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن کي گهٽ کا?? گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.