بيجنگ_26 آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِامداد جي نئين کيپ رواني ڪري ڇڏي آهي، چائنا اڪنامڪ نيٽ(ايس اي اين رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جي ريڊ ڪراس سوسائٽ?? گوانگشسي برانچ پاران 3 لک آر ايم ب?? ماليت جو عطيو ڪيل انساني امداد پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِ رواني ڪئي وئي آهي جيڪا سمنڊ رستي ڪراچي بندر پهچندي، کيپ ۾ 4 هزار 286 ڪمبل شامل آهن، ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ريڊ ڪراس سوسائٽي آف چائنا گوانگ شي برانچ جي ايگزيڪٽو وائس چيئر مين وانگ لي ??وڏ متاثرن سان دلي ??مدردي جو اظهار ڪيو ، چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن احمد فاروق آن لائن تقريب ۾ شرڪت ڪئ ۽ گوانگ شي جو شڪريو ادا ڪي??، چين پاران اها امداد نيشنل ڊيزاسٽر منجمنٽ اٿارٽي آف پاڪستان (اين ڊي ايم )کي ملي آهي.