اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ر??انگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل عرب امارات سان ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سان اقتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ان جي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارا?? ۾ ??اڪستان جي نامزد سفير فيصل نياز ترمذي س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??ن ڳالهه تي ر??شني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف علوي پاڪستان ۾ بوڏ سٽيلن جي امداد تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏيل عرب امارات مان 57 امدادي اڏا??ون ۽ 2 سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان جي حمايت سان گڏوگڏ پاڪستان جي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي لاءِ 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو. گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪستان جي آن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سان ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان جي مهارتن جي فروغ جي لاءِ اعليٰ ڪورسز پڻ شروع ڪيا وڃن جنهن سان انهن جي آمدني کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي تربيتي پروگرام تي ر??شني وڌي. صدر نامزد سفير کي هندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سان اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي زندگين کي خطري بابت گڏيل عرب امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.