ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چ??نسلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورس??ي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. اجلاس ?? يونيورس??ي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورس??ي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چ??نسلر جي مقرري ۽ يونيورس??ي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ ??امزدگي ڪمي??ي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ?? ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيورس??ي جو وقتي وائيس چ??نسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چ??نسلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چ??نسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ??ايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ?? ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيورس??ي جي مستقل وائيس چ??نسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪمي??ي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چ??نسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ??ائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ?? فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ ??يصلن جو جائزو ورتو ويندو.