راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ راشن ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون ??لايون ??يون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. هن وقت ??ائين 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي آفت سٽيل علائقن ما?? محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 147 ريليف ڪيمپون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن. هن وقت ??ائين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏينهن تائين جون ??فت دوائون ??راهم ڪيون ??يون آهن. سڄي ملڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان وڌيڪ ??وراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ??يون آهن.