ا??لا?? آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ عام واهپي وارين شين ۽ امدادي سامان تي سيلز ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي. جار?? ڪيل بيان ۾ ايف بي آر جي ترجمان ٻڌايو ته ايف بي آر کي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ عام واهپي وارين شين تي ٽيڪس ڇوٽ بابت ڪيترائي سوال ملي رهيا آهن. ترجمان ??ضا??ت ڪئي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ مقامي ۽ امپورٽ ٿيل شين ۽ خوراڪ تي سيلز ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي تصديق ضروري آهي. ترجمان وڌيڪ ??ضا??ت ڪئي آهي، ته سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ 30 آگسٽ 2022ع ک??ن وٺي 90 ڏينهن جي مدي لاءِ آهي.