اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگ??ائ??زيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگ??ائ??زيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگ??ائ??زيشن جي باني ميمبر طور پنهنجون ذميوارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگ??ائ??زيشن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم کان قدم ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.