ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برسات?? جي متاثري?? جي نقصان?? جي ازالي لاءِ گڏيل سروي جي ضرورت آهي ته جيئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي، ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد انهن متاثرين تي خرچ ٿيڻ گهرجي، چيف سيڪريٽري متاثرين جون جائز ضرورتون پوريون ڪري، وفاقي حڪومت متاثري?? جي مدد لاءِ هر وقت موجود آهي. وزيرا??ظم ڊيره غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. وزيرا??ظم شهباز شريف ڊيره غازي خان پهچڻ تي کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ فوتگين تي معاوضي جي فوري ادائيگي جاري آهي، فصلن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصان?? جي گڏيل سروي ڪنداسين. ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته فوج جي مدد لاءِ آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اهي به انه?? جي معاونت ڪندا. ان گڏيل سروي جو مقصد اهو آهي ته حقدار کي ان جو حق ملي ۽ ڪو به حقدار ان کان محروم نه رهي. هن چيو ته گڏيل سروي تمام فائديمند هوندي، ا?? جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس گهرائي انفراسٽرڪچر، روڊن، پلين، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصا?? جي ازالي لاءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته عوام جو پئسو ڪنه?? جي جاگير نه آهي، اهو پئسو انهن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ متاثري?? جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت?? جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيرا??ظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. بريفنگ دوران وزيرا??ظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو متاثرين جا جائز مطالبا حل ڪري. هن چيو ته سروي کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان بچائڻ لاءِ هر جڳهه تي گڏيل سروي جي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض محمود خان مزاري، ا??لم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز به وزيرا??ظم سان گڏ هئا. پنجاب اسيمبلي جو ميمبر اويس لغاري به وزيرا??ظم کي متاثر علائق?? جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيرا??ظم کي اتي ٻوڏ متاثري?? جي جاري مدد تي تفصيلي طور تي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 104 فوتگيون ٿيون، فصل ۽ گهر تباهه ٿيا. وزيرا??ظم ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات به ڪئي.