سيالڪوٽ – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي ??ظه??ر لاءِ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو وي??دو جنهن جو مقصد مودي ??رڪار پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي جي لاءِ ان جي خصوصي حيثيت ختم ڪري واديءَ ۾ آرٽيڪل 370 جي غيرقانوني قدم جي مذمت ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج پاران ڪشمير جي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ به اهو ڏينهن استحصال ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سيالڪوٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو ??ظه??ر ڪيو وي??دو ۽ ڪشمير ۾ مودي ??رڪار پاران آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ??ي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي الڳ رياستي حيثيت ختم ڪري مظلوم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ئي رياست مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي جن??ن کانپوءِ واديءَ ۾ مظاهرن جي ڊپ کان لاڪ ڊائون هنيو ويو.