اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان کي وس??ع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ ??اه??ون ٿا. وز??راعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف سان رائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي باني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان الخليفه بحريني ڪمپنين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هوٽل، مهمان نوازي، هائوسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري جي وس??ع موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان خطي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، نوجوان آبادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وس??ن ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪري سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي شمار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هوٽل اينڊ هاسپيٽليٽي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪ??سٽ??ڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم سمورن ??اڳ??پيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بحريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا وس??لا بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وز??ر عبدالواسع، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، وز??راعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ ??اڳ??پيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.