اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي، چيني اسان جا مهمان آهن انهن جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پرڏيه?? وزارت ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو شڪ??ر ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. پرڏيه?? وزير چيو ته اڄ دهشتگردي جو شڪ??ر ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ پرڏيه?? وزارت ۾ گڏ ٿيا آهيون، چيني استاد پاڪستاني شاگردن کي چيني زبان سيکاري رهيا هئا، اسان ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، بلاول ??ٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏيندي ويندي، چيني اسان جا مهمان آهن انهن جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي صحافين ۽ عوام کي به خصوصي پيغام پهچائڻ چاهيان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي دوستي کان سڀ واقف آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي نه ر??و ٻنهي ملڪن پر عوام جي وچ ۾ به آهي، ان دوستي کي قائم ڪرڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ??ٽو ۽ آصف علي زرداري جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي، پرڏيه?? وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو ته چينين کي دهشتگردي جو واقعو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پيش آيو آهي، ڪو به پاڪستاني ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي ته اسان جي مهمانن کي ان قسم جو دهشتگردي جو واقعو پيش اچي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جي مهمان نوازي جا مثال موجود آهن.