اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانوي ه??ءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، برطانيه جي ????ءِ ڪمشنر مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي ??ختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي ??روغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ت?? فيڪ نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا ل??ءِ وڏو چئلينج آهي، برطانوي ه??ءِ ڪمشنر اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي ??بارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته يوم آزادي 14 آگسٽ تي پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙي تصورن تي ٻڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي ??گاهه سان ڏسون ٿا.