بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو امن ۽ استحڪام اف??انستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي اف??انستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان ۽ چين کي اف??ان عملدارن سان پنهنجي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو اف??ان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي اف??انستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي لاءِ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال اف??انستان جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو امن ۽ استحڪام اف??انستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن اف??انستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته اسان اف??انستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، اف??انستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس اف??انستان جي حمايت ۾ عالمي برادري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقعو هو. اف??انستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس اف??انستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان عالمي برادري خاص طور پاڙيسرين پاران اف??انستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي اف??ان عملدارن ۽ عالمي برادري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالمي برادري رابطن جي اڳين مرحلي ۾ اف??ان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، اف??انستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چيو ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت اف??ان عملدارن جي تازي فيصلي تي عالمي برادري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته اف??ان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ عالمي برادري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون اف??ان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم اف??انستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، عالمي برادري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي به غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته اف??ان عملدار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم اف??انستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.