اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جو غير معمولي اجلاس افغانستان ج?? لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ??رورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي ??فغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائ?? لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيه?? وزارت جي ??موري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.