اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر ج??رل ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري هڪ پڌرائي موجب ملاقات ۾ صدر ملڪي سيڪيورٽي جي لاءِ بطور ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪور ڪمانڊر پشاور ج?? حيثيت سان ن??ين ذميوارين جي حوالي سان پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.