اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب امارات جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويل??ن جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عا??ف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپن??ن جي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪست??ن ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسم??ن جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائ??ن جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي اهم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، ??اڪست??ن ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ??ائ?? آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگ??ن جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب امارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.