اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيرا??ظم افغنستان ??ان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فراهمي ۽ ميزباني تي وزيرا??ظم جو ٿورو ادا ڪيو، وزيرا??ظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آ??ي، وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ ??ان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزيرا??ظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ??ڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيرا??ظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وزيرا??ظم عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن ??ان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن ??ان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزيرا??ظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيرا??ظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.