اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي ??ان گڏ ايران جي نئين چونڊيل ص??ر سيد ابراهيم رئسي ??ان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، علائقائي ترقي، اق??صادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ايران جي نئين چونڊيل ص??ر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر ??ان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اق??صادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ايران جي نئين چونڊيل ص??ر لاءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ اق??صادي رابطن ۽ واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران ??ان بلوچستان جي سرحدي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.