اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ هلائي رهيُون هُيون، مخالف ڌر پ??هنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿي آهي، ??سان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏ??ند??سين، قانونسازي، ??ڌارن تي اسان جو ڌيان هوندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻ??ند??ين، ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪندي آهي، ??سان پنهنجي سياسي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ??اهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي مقصد آهي، ??هي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آهن. هاڻي مخالف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم جو انتشار پ??دا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ??نهن جي ڪري اسان پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي عوام جي سامهون نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي آهي، ??نهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي سياست کان جان ڇڏائي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڌيان ڏ??ند??سين.